واپس ويندڙ قومي ڪارڪنن جي تذليل،هڪ ڄڻو کنڀجي ويو

سن/مانجهند:سيد جي مزار تي مختلف کاتي پيتي جي شين سان گڏ ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا هئا جڏهن ته ورسي تان واپس ويندڙ  ماڻهن کي رياسي ادارن ۽ پوليس مختلف هنڌ تي روڪي تذليل پڻ ڪئي پئي  وئي،سن کان واپس ويندڙ قومي ڪارڪنن جي وين کي  آمري قاضي احمد پل وٽ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن روڪي عورتن مردن تي سخت تشدد ڪرڻ هڪ  نوجوان کي کنڀي کڻي ويا جنهن کانپوءِ وين ۾ سوار ماڻهن توڙي قومي ڪارڪنن آمري قاضي احمد پل  وٽ انڊس هاء روڊ تي رڪاوٽون وجهي روڊ ٻنهي طرفن کان بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ۽ روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويو ن  مسلسل 3 ڪلاڪ روڊ بند هجڻ  مسافر پنهنجي منزل تي وقت سر  پهچي نه سگهيا جنهن جي ڪري مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏئڻو پئجي ۔ ڪارڪنن توڙي عام ماڻهن جي مسلسل ڌرڻي بعد ايس ايس پي ڄامشورو طارق نواز ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کنڀي کڻي ويل  قومي ڪارڪن کي آزاد ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ ڌرڻو ختم ڪرايو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.