پي ٽي آءِ پاران حامد خان کي پِي اَي سِي ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان سينيئر اڳواڻ حامد خان کي پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسي چيو ته پارٽي حامد خان جي تجربي کي نظر ۾ رکندي پي اي سي چيئرمين لاءِ سندس نالو تجويز ڪيو، پارٽي جي قيادت غور ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو هوندو.
هن چيو ته حڪومت شيرافضل مروت کي رکڻ يا وٺڻ لاءِ تيار نه هئي، حڪومت جو رويو سڀني ڏٺو، جنهن کانپوءِ نئون نالو آيو آهي، حامد خان کي وڌيڪ مناسب سمجهيو ويو انڪري نالو ڏنو ويو.
لطيف کوسي چيو ته شير افضل مروت جو سياسي ڪارڪنن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪردار آهي، حامد خان کي وڪيل سياست جو تجربو آهي، جڏهن ته شير افضل کي سائيڊ لائين ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.