وڏي وزير جون شڪايتون، وزيراعظم پاران مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي صوبي جا مالي مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
وزيراعظم اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ، جتي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سندس آجيان ڪئي.
وزيراعظم قائدِ اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي، فتح خواني ڪئي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي.
ڪراچي جي دوري جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته 8 فيبرروري جي اليڪشن جي نتيجي ۾ وفاق ۾ ورهايل مينڊيٽ مليو، اسان سڀني کي هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو ته جيئن عوام جا مسئلا حل ڪري سگهون .
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڀائراڻو تعلق جڙي ويو آهي، دوست ۽ ڀاءَ جيان سندس هر سڏ تي تيار آهيان، صوبن جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، اتحادي حڪومت کي مضبوط بڻائڻ منهنجو فرض آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته ويجهي مستقبل ۾ وڌيڪ ملڪن جا وفد پاڪستان جو دورو ڪندا، صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪندي ته سيڙپڪاري ايندي، جهموري ترقي جي گاڏي اڳتي وڌي ان لاءِ ناپسنديده فيصلا به ڪرڻاپوندا.
ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف آڏو وفاق طرفان سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ جي شڪايت ڪئي هئي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيرِ اعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سميت وفاقي وزير احسن اقبال، خالد مقبول صديقي، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال ۽ عطا الله تارڙ شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته وزيراعظم جي ڪابينا ۾ به سنڌ جي نمائندگي گهڻي آهي، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال ۽ قيصر شيخ ڪراچيءَ ۾ رهندا آهن، خالد مقبول ته ڪراچي جو ئي آهي، انڪري سمجهان ٿو ته هاڻ سنڌ جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿيندا.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته وزيراعظم وڏا مسئلا جلد حل ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو.
وڏي وزير وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 2022ع واري ٻوڏ تباهي پکيڙي هئي، ٻوڏ جي تباهڪارين کانپوءِ نئين سر اڏاوتي مرحلو شروع ٿيو ۽ اتفاق ٿيو هو ته 70 سيڪڙو فنڊ ڊونر ايجنسيون ڏينديون جڏهن ته 30 سيڪڙو فنڊنگ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت مهيا ڪنديون.
سندس چوڻ هو ته ڊونر ايجنسين 557 ڏهائي 79 ارب رپيا ڏنا، ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوتي رٿا 50 ڪروڙ ڊالرز جو پروجيڪٽ آهي، اسڪولن جو اڏواتي جو پروجيڪٽ 11 هزار 917 ملين رپين جو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف سامهون اِها به شڪايت ڪئي ته سنڌ حڪومت طرفان 25 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، وفاق فنڊ نه ڏنا جڏهن ته گذريل چئن ورهين کان نين اسڪيمن ۾ وفاق سنڌ کي نظرانداز ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.