”ڌيئرن کان وڌيڪ پٽ عزيز“ اداڪارا صبا فيصل جي بيان تي ڇتي تنقيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري سان وابسطا سينئر اداڪارا صبا فيصل جي پٽن ۽ ڌيئرن بابت بيان تي لفظي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، اداڪارا حرا خان ۽ صبا فيصل جي ڌيءَ اداڪارا ۽ ماڊل سعديا فيصل سوشل ميڊيا تي آمهون سامهون ٿي ويون.
گذريل ڏينهن اداڪارا صبا فيصل نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ هن جي پٽن ۽ ڌيئرن بابت بيان جي نامڪمل وڊيو سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي وئي.
سوشل ميڊيا تي وائرل اهڙن نامڪمل وڊيوز ۾ اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته صبا فيصل ڌيئرن کان وڌيڪ پٽن کي ترجيح ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نامڪمل وڊيوز ڏسڻ بعد اداڪارا حرا خان سينئر اداڪارا کي ڌيئرن بجاءِ پٽن کي ترجيح ڏيڻ واري بيان تي تنقيد جو نشانو بڻايو.
حرا خان انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ لکيو ته “حيران آهيان ته صبا اهڙي بيوقوفاڻي ڳالهه ڪرڻ جي همٿ ڪيئن ڪئي”.
اهڙي اسٽوري شيئر ٿيندي ئي اداڪارا صبا فيصل جي ڌيءَ سعديا فيصل به ميدان ۾ اچي وئي ۽ هن پنهنجي والده جي حمايت ۾ حرا خان کي ڪمينٽ ۾ لکيو ته “هر ڪنهن کي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ جو حق آهي، توهان جا لفظ پڙهي حيران آهيان ۽ توهان کي انڊسٽري جي سينئر فنڪارن جي عزت ڪرڻ کپي”.
بعد ۾ حرا خان سعديا جي ڪمينٽ جو جواب ڏيندي هڪ ٻي اسٽوري شيئر ڪندي لکيو ته ” هڪ اهڙو ملڪ جتي تازي ڄاول ٻارڙين کي اهو چئي ماريو ويندو آهي ته هوءَ پٽ ناهي، جتي ڇوڪرين کي پهريان ئي ٻوجهه سمجهيو ويندو آهي اتي صبا جي جهڙن وڏي شخصيتن کي اهڙا بيان ڏيڻ صحيح ناهي.
سعديا فيصل اداڪارا حرا خان کي ڳالهه ختم ڪرڻ جو چوندي هڪ ٻي اسٽوري شيئر ڪئي ته توهان هن جي ڳالهين کي غلط رنگ ڏئي رهي آهيو، صبا فيصل جيڪو چيو ان جو مطلب اهو نه هيو جيڪو توهان سمجهيو، مهرباني ڪري ڳالهه اتي ئي ختم ڪيو.
جڏهن ته اداڪارا صبا فيصل پنهنجو دفاع ڪرڻ لاءِ حرا خان کي ٽيگ ڪندي لکيو ته حرا اهڙي ڳالهه ڪرڻ لاءِ زندگي جو تجربو حاصل ڪرڻ ضروري آهي.
واضح رهي ته صبا فيصل انٽرويو ۾ چيو هو ته جيئن والدين کي ڌيئرون عزيز آهن ائين ئي پٽن کي به ڌيئرن وانگي ترجيح ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.