اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بشريٰ بي بي جو نجي ليب مان طبي معائنو ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جو نجي ليب مان طبي معائنو ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن بشريٰ بي بي جي طبي معائني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران اسٽيٽ ڪائونسل عدالت کي ٻڌايو ته ايڊووڪيٽ جنرل اڄ هتي موجود نه آهي، مان ٻيهر معذرت ڪيان ٿو.
جسٽس ميان گل حسن چيو ته هنن ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو هوته اسان جي پونئن حڪم جي تعميل ڪري.
عدالت مختصر فيصلي کانپوءِ بشريٰ بي بي جو طبي معائنو اسلام آباد جي نجي ليب مان ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تائين معائنو ڪرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.