ڊچ اداڪار ۽ فنڪار ڊوني رولوِنڪ اسلام قبولي ورتو

ايمسٽرڊم (ويب ڊيسڪ) بااثر ڊچ اداڪار، فنڪار ۽ ماڊل ڊوني رولوِنڪ اسلام قبولي ورتو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب نوجوان ڊچ اداڪار ڊوني رولوِنڪ هلندڙ مهيني جي 19 اپريل تي هڪ مسجد ۾ مذهب مٽائي اسلام قبول ڪيو.
اداڪار جي اسلام قبول ڪرڻ واري ويڊيو به انسٽاگرام تي وائرل آهي.
واضح رهي ته 2022ع ۾ اداڪار هڪ فٽنس جي وڊيو شوٽنگ دوران زخمي ٿيو هو، جنهن کانپوءِ هن ۾ڪينسر به ظاهر ٿيو.
ڊوني اڄڪلهه دبئي ۾ موجود آهي، گذريل ڪجهه هفتن کان اداڪار مسجدن جو دورو ڪندي وڊيوز به شيئر ڪندو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.