هي زال مڙس 40 سالن کان ٻيڙي ۾ رهندا آهن: هڪ ئي خواهش اٿن

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصري مهاڻو گيرابو عصاب پنهنجي زال سان زندگي جا 40 سال نيل درياهه ۾ ٻيڙي تي گذاريا آهن ۽ آخري دم تائين هو ٻيڙي ۾ رهڻ چاهي ٿو.

اهڙو انڪشاف مصري ميڊيا ذريعي ڪيو ويو آهي، ابو عصام ميڊيا کي ٻڌايو ته درياهه ۾ رهڻ کانسواءِ اسان جو ڪو گذارو ممڪن ناهي، اسان درياهه کان ٻاهر وڃي ائين تڙپندا آهيون جيئن مڇيون پاڻي مان نڪري تڙپنديون آهن.

اسان رڳو مڇيون وڪرو ڪري وري موٽي ايندا آهيون.

جوڙي چيو ته درياهه جي وچ ۾ رهڻ اسان کي پسند آهي، رهيل زندگي به اتي ئي گذارينداسين.

ابو عصام جي زال چيو ته مڙس سان ڏکيو ۽ سکيو وقت گذاريو آهي، کيس آرام ڪندي يا کاڌو تيار ڪندي ڏسي سڪون محسوس ٿيندو آهي.

جوڙي جي هڪ پراڻي خواهش به آهي، هو چاهين ٿا ته مرڻ کان اڳ سعودي عرب وڃن ۽ عمرو ادا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.