بابر سميت سمورا ڪرڪيٽر ڀائر آهن:نازش جهانگير جي وضاحت

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا نازش جهانگير قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي پرستارن طرفان شادي واري تجويز تي حيران ڪندڙ ردعمل اچڻ بعد وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
اداڪارا نازش جهانگير قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابت بيان بعد بابر سميت سمورن ڪرڪيٽرن کي ڀائر قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
اداڪارا نازش جهانگير گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي سوالن جوابن جي سيشن ۾ بابر اعظم طرفان شادي جي آڇ بابت پرستار جي سوال تي جواب ڏيندي چيو هو ته “مان معذرت ئي ڪندس”
اداڪارا جي اهڙي جواب جي اسڪرين شارٽ وائرل ٿي هئي، جنهن تي واهپيدارن طرفان دلچسپ تبصرا ڪيا ويا ۽ ڪرڪيٽرن جي پرستارن طرفان نازش کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.
نازش جهانگير انسٽاگرام تي اسٽوري ۾ ٻڌايو ته بابر اعظم جي پرستارن جي عجيب سوچ آهي، بابر سميت ٻين ڪرڪيٽرن سان ڪو واسطو ناهي، سڀ رانديگر منهنجا ڀائر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.