سپريم ڪورٽ: ڪراچي ۾ حددخلين بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪراچي ۾ حددخلين بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.
حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي خميس تي ڪراچي رجسٽري ۾ ٿيندي، سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
وفاقي حڪومت، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سڄي شهر ۾ حددخلين جي خاتمي بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ رفاحي پلاٽن تان قبضو ختم ڪرائڻ بابت به رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.