سنڌ ۾ روڊ رستا بند ڪرڻ تي پابندي لاڳو، ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس صوبي ۾ روڊ رستا بند ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪندي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ روڊ رستا بند ڪندڙ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، ڪنهن ماڻهو يا پارٽي کي احتجاج لاءِ روڊ رستا بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته روڊ رستا بند هجڻ ڪري شهري پريشانين کي منهن ڏيندا آهن ۽ ٽريفڪ جو نظام به ڊاونواڊول ٿي ويندو آهي.
آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته صوبي ۾ روڊ رستن کي احتجاج جي نالي تي بند ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.