شادي ڪارڊ تي ٿرٿلو، پوليس گهوٽ کي گرفتار ڪري ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اڄڪلهه چونڊن سان گڏ شادي جي سيزن به هلي رهي آهي ۽ هر ڪو چاهي ٿو ته اهڙو ڪم ڪري جو سندس شادي يادگار بڻجي وڃي، ان ئي ڪوشش ۾ هڪ شخص پنهنجي شادي جو اهڙو دعوت نامو ڇپرايو جو اهو ڏسندي ئي پوليس کي گرفتار ڪري ورتو.
ڀارتي رياست تلنگانا مان وائرل ٿيندڙ اهو شادي ڪارڊ ماڻهن ۾ ورهائڻ جو معاملو پوليس وٽ پهتو ته گهوٽ ۽ سندس ڀاءُ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب گرفتار شخص جي سڃاڻپ سريش نائڪ طور ٿي، جنهن شادي ڪارڊ کي ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي لوڪ سڀا اميدوار جي تصوير لڳائي استعمال ڪيو.
سريش نائڪ پنهنجي ڀاءُ جي شادي جي ڪارڊ تي به بي جي پي جي لوڪ سڀا اميدوار گهونندن رائو جي تصوير لڳائي ۽ مهمانن جي درخواست ڪئي ته اهي شادي جي تحفي طور ايندڙ عام چونڊن ۾ بي جي پي اميدوار کي ووٽ ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.