ايس آءِ ايف سي ۽ ارسا آرڊيننس رد

حيدرآباد: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان ”سنڌ قومي ڪانفرنس، خطرا ۽ درپيش چئلينجز“ جي موضوع تي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾  قراردادون منظور ڪندي گهر ڪئي وئي ته سنڌ سميت پاڪستان جي وفاق ۾ شامل تاريخي قومي تشخص رکندڙ قومي وحدتن کي 1940ع جي معاهدي ۽ 1973ع جي آئين ۾ 18 هين ترميم بعد برابري جي بنياد تي قومي خودمختياري، حق حڪمراني ۽ پيداواري وسيلن جي مالڪي جو مڪمل اختيار ڏنو وڃي، پاڪستان ۾ لڳاتار ڪنٽرولڊ ۽ هائبرڊ جمهوريت وفاق ۾ شامل وحدتن خاص طور سنڌ کي صوبائي خودمختياري کان محروم ڪندي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ اعتماد کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت خاص ڪري 2008ع کان سنڌ جي قدرتي وسيلن تي مالڪي جي حق وڃائڻ کان وٺي سنڌ جي زمينن، پاڻي ۽ صوبائي اختيارين تي سنڌ جو حق وڃائي ويٺي آهي. تنهن ڪري پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڪيل وفاق سان سمورا معاهدا، جوڙيل اٿارٽيز ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ڪيل ٺهراءَ جيڪي سنڌ جي سامونڊي حدن تي مالڪي، معدني وسيلن تي مالڪي ۽ حڪمراني جي اختيارن ۾ وفاق جي مداخلت تي ٻڌل آهن، تن کي واپس ورتو وڃي. گهر ڪئي وئي ته پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ مسلسل خراب حڪمراني سبب بيروزگاري ۽ غربت ۾ واڌ ٿي آهي. معاشي اڻ برابري ۽ تعليم جي معيار جي ڪِرڻ سبب سماج ۾ مقابلي، محنت ۽ اهليت جي تباهي ٿي آهي. تنهن ڪري سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي 2008ع کان ڪيل خراب حڪمراني تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ڪميشن جوڙي خراب حڪمراني جي ذميوار فردن، ڪرپٽ ڪامورن ۽ سياستدانن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. وفاق طرفان جوڙيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل پاڪستان جي 1973ع جي آئين مطابق وفاق ۾ شامل قومي وحدتن کي پنهنجي تاريخي وطن جي زمين ۽ وسيلن تي مالڪي جي حق کان محروم ڪري هڪ نئين قسم جي ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جي رٿا آهي، جنهن کي رد ڪندي مطالبو ڪجي ٿو ته اهڙن سڀني سيڙپڪاري ۽ ترقيءَ جي رٿائن تي اختيار صوبن جو هجڻ گهرجي ۽ ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين سان معاهدا به صوبن جي ضرورتن، مفادن ۽ شرطن تي هئڻ گهرجن. ڪانفرنس ارسا جي جوڙجڪ ۾ آرڊيننس وسيلي تبديلي کي رد ڪندي گهر ڪري ٿي ته 1991ع جي ٺاهه مطابق منصفاڻي ورڇ تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻيءَ جي وهڪرن جي اسٽڊي ڪرائڻ کانسواءِ سنڌو درياءَ تي ٿل ڪئنال جي ڊسٽريبيوٽريز ۽ واهن سميت نون منصوبن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيندي سنڌ جي سرڪاري آفيسن، عدليه ۽ اسيمبلي جي ڪارروائي سميت سمورو ڪاروهنوار سنڌي ۾ هلايو وڃي ۽ شهرن ۾ سائن بورڊ انگريزي ۽ اردو سان گڏوگڏ سنڌي لازم لکڻ جو قانون پاس ڪيو وڃي،سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ ٻاهرين ملڪن جي رهواسين کي وفاق ۾ شامل چئني قومي وحدتن جي ڊيموگرافي ۽ تاريخي قومي تشخص کي محفوظ رکڻ لاءِ شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اختيار صوبن حوالي ڪري پاسپورٽ جو اختيار مرڪز کي ڏنو وڃي. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 172 جي شق 3 ۽ 18هين ترميم بعد سنڌ جي زمين ۽ زمين جي اندر معدنيات سميت قدرتي وسيلن تي مالڪي جو حق صرف ۽ صرف سنڌ جو آهي. تنهن ڪري ڪنهن به قسم جي مرڪزي اٿارٽي يا ادارو جيڪو سنڌ جي زمينن ۽ معدنيات تي ڪنهن به مالڪي توڙي غير ملڪي ڪمپنين سان ڪي معاهدا ڪري ٿو ته اُهي آئين جي اندر صوبن سان ڪيل معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. تنهن ڪري مرڪز جي انهي مداخلت کي رد ڪندي اُهي سڀ اختيار صوبن حوالي ڪيا وڃن. آزاد، منصفاڻيون ۽ صاف شفاف چونڊون قانوني حيثيت لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿيون، ڪانفرنس گهر ڪري ٿي ته سنڌ جي عوام کي بهتر زندگي فراهم ڪرڻ لاءِ اهل، ايماندار ۽ جائز اسيمبلين جي چونڊ ڪئي وڃي. 1947ع کان وٺي سنڌ ۾ آئيني، جمهوري ۽ بنيادي انساني حقن جي سراسر ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، مذهبي اقليتن ۽ ڪمزور طبقن کي برابري جا مسئلا درپيش آهن. صوبي کي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جيڪو حڪمران حڪومت جي هٿياربند ونگ طور ڪم ڪري رهيو آهي. اسان مطالبو ٿا ڪريون ته پوليس، عدليه ۽ ٻين انتظامي يونٽن جي سڌارن کي يقيني بڻايو وڃي پريا ڪماري جي آزادي ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري جي پڻ گهر ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.