ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان جي شڪست تي روئڻ جهڙو ٿي ويو هئس: زمان خان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر زمان خان چيو آهي ته آخري اوور ڪرائڻ ڏکي ذميواري هوندي آهي ۽ ان وقت هو رڳو اِهو سوچيندو آهي ته ٽيم کي کٽرائڻو آهي، ايشيا ڪپ ۾ ميچ نه کٽرائڻ تي روئڻهارڪو ٿي ويو هئس.
هڪ انٽرويوءَ دوران زمان خان چيو ته هن بالنگ ۾ پنهنجو نالو ٺاهڻ جو خواب ڏٺو ۽ يارڪر بالنگ ذريعي پاڻ کي اسپيشليسٽ بڻايو،
زمان خان جو بالنگ اسٽائيل سريلنڪن ليجنڊ فاسٽ بالر لاسٿ ملنگا جهڙو آهي ڇو جو هن ملنگا کي ڏسي ئي بالنگ شروع ڪئي.
هن چيو ته بالنگ ايڪشن سان گهڻو فرق پوندو آهي، اسلام آباد يونائيٽڊ خلاف ميچ ۾ يارڪرز کي ترجيح ڏني ۽ لاهور قلندرز ميچ کٽي.
هن ٻڌايو ته ايشيا ڪپ ۾ مون کي آخري اوور هلائڻ لاءِ مليو ۽ مون کي اميد هئي ته پاڪستان کي ميچ کٽرائيندس پر بيٽر جي ايج لڳي وئي ۽ اسان ميچ نه کٽي سگهياسين جنهن تي مون کي روئڻ پئي آيو پر سمورن رانديگرن مون کي آٿت ڏيندي چيو ته هار کٽ راند جو حصو آهي جنهن ذريعي اعتماد مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.