اداڪارا حنا رضوي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ۽ پروڊيوسر حنا رضويءَ خاموشيءَ سان سوشل ميڊيا اسٽار عمار احمد خان سان شادي ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽس موجب حنا رضوي انسٽاگرام تي شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. اداڪارا ٻڌايو ته سندس شاديءَ جي تقريب ڏاڍي سادي نموني ٿي جنهن ۾ رڳو ويجها مٽ مائٽ شريڪ ٿيا. اداڪارا شاديءَ تي دعائون ملڻ تي شڪريو ادا ڪيو.

حنا رضوي جي شادي جون وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ٿي ويون آهن، جنهن تي مداحن دلچسپ تبصرا ڪيا آهن. سندس شاديءَ جون رسمون گذريل هفتي کان جاري هيون. حنا رضوي مشهور هدايتڪارا ۽ اداڪارا سنگيتا جي ننڍي ڀيڻ آهي. هن مختلف ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

حنا رضوي جي شادي جي وڊيوز ۽ تصويرن تي ڪجهه مداحن سوال ڪيو ته هوءَ ايتري دير سان ڇو ٿي شادي ڪري؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.