ڌيئرن جي ڀيٽ ۾ پٽَ وڌيڪ اهم آهن: صبا فيصل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڌيئر جي ڀيٽ ۾ پٽن جي اهميت تي صبا فيصل کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.
رپورٽس موجب صبا فيصل پاران پٽن جي اهميت واري ڳالهه جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن. صبا فيصل جي وائرل وديو ۾ پنهنجي ڀيڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن ۾ پٽن جي اهميت تي زور ڏنو. اداڪارا چيو ته سندس ڀيڻ جو مڙس گذاري ويو آهي کيس ٻن ڌيئر جو اولاد آهي ٻئي ٻاهرين ملڪ پڙهڻ ويون آهن، هتي سندس ڀيڻ اڪيلي رهندي آهي ۽ پريشان رهندي آهي.
صبا فيصل چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڀيڻ گاڏي خراب ٿيڻ تي فون ڪيو ۽ پنهنجي پريشاني ۽ ڊپريشن بابت ڳالهايو ۽ اداڪارا کي چيو ته جيئن کيس پٽ هجن هان ته اهي ڏينهن نه اچن هان. اداڪارا دعويٰ ڪئي ته جيئن ڀيڻ کي پٽن جو اولاد هجي هان ته گڏ هجي هان ۽ جيئن گڏ نه به هجي هان ته سندس موجودگي جو احساس ئي ڀيڻ جي پريشاني ختم ڪري هان.
اداڪارا چيو ته جن کي ڌيئر آهن اهي شڪر ادا ڪن پر جن کي پٽ ناهن ته اهي نه چون ته خوش آهن. هن چيو ته سندس ڀيڻ اڳ اهو چوندي هئي ته کيس پٽ ناهن اها خوش آهي. اداڪارا تسليم ڪيو ته پٽن جا به مسئلا ٿيندا آهن.
اداڪارا جي وڊيو وائرل ٿيڻ تي مداحن چتي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته کيس گهريلو معاملا نه بڌائڻ گهرجن، اهڙين فضول ڳالهين کان بهتر آهي ته پنهنجي اداڪاريءَ تي توجه ڏئي
ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.