ماڻهو وڏي شوق سان بالي ووڊ فلمون ڏسندا آهن: محمد احمد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو مشهور سينير اداڪار محمد احمد هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته پاڪستاني عوام پنهنجي ملڪ خلاف ٺهندڙ بالي ووڊ فلمون شوق سان ڏسندي آهي.

رپورٽس موجب محمد احمد تازو هڪ انٽرويو ۾ پاڪستاني فلم انڊسٽري جي زوال ۽ حال ۾ ريليز ٿيندڙ پاڪستاني فلمن جي مواد تي ويچار ونڊيا. هن چيو ته هو ان ڳالهه سان متفق ناهي ته پاڪستاني ماڻهو بالي ووڊ فلمون ناهن ڏسندا، وڏي شوق سان ڏسندا آهن ۽ فالو به ڪندا آهن.

محمد احمد چيو ته اسان وٽ ماڻهو بحث ڪندا آهن ته ڀارت جون فلمون بائڪاٽ ڪرڻ گهرجن، پر حقيقيت اها آهي ته جيڪي ماڻهو روڪيندا آهن اهي ئي بالي ووڊ فلمون ڏسندا آهن، اهي بالي ووڊ فلمون به ڏٺيون وينديون آهن جن ۾ پاڪستان کي گاريون ملنديون آهن. هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته رڳو مولا جٽ اهڙي فلم هئي جنهن ملڪي ۽ عالمي سطح تي ساراهه حاصل ڪئي.

هن چيو ته اڄوڪو نسل شاهه رخ خان کي ته سڃاڻي ٿو پر وحيد مراد کي نٿو سڃاڻي، اسان ان کان اکيون نٿا ٻوٽي سگهون ٿا انڊيا کي فالو به ڪندا آهيون ۽ امباڻي جي شادي تي پڻ بحث مباحثا ڪندا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ”جا جي لي اپني زندگي“ ڪهڙي فلم جو ڊائلاگ آهي پر اسان جي فلمن جا ڊائلاگ ڪنهن کي به ياد ناهن ان کانسواءِ ته مولا جٽ جو ڊائلاگ ”مولي نو مولا نه ماري تي مولا نئين مردا“ جيڪو هر ڪنهن جي زبان تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.