گهرو وزير سان ايراني سفير جي ملاقات، صدر رئيسي جي دوري بابت خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ سان ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي ۽ ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
گهرو وزير محسن نقوي ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم سان ملاقات ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ايراني جا لاڳاپن ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايراني صدر ابراهيم رئيسي طرفان پاڪستان جو دورو انتهائي اهم آهي.
گهرو وزير جو چوڻ هو ته ايراني صدر جو دورو ٻطرفن لاڳاپن جي هٿي ڏيڻ سنگِ ميل ثابت ٿيندو، دهشتگردي ۽ ٻين چئلينجز جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
ملاقات دوران ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري بابت انتظامن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ ايراني صدر جي دوري دوران ڄاڻايل معاهدن تي پڻ ڳالهه ٻول ٿي.
ان موقعي تي ايراني سفير گهرو وزير کي صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جي تفصيل بابت آگاهه ڪيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.