هٿ ڇو لاتو؟ مٿي تي رئو پارائڻ تي رپورٽر ڏمرجي پئي: وڊيو وائرل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) فلسطين جي معاملي تي هڪ عورت رپورٽر مٿي تي رئو پارائڻ واري ماڻهو کي سبق سيکاريو آهي.

رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هڪ رپورٽر نوجوان کان فلسطين جي مسئلي تي ڳالهائيندي نظر اچي پئي ۽ ان وچ ۾ ان ماڻهوءَ عورت صحافيءَ جي مٿي تي رئو پارايو. مرد جي اهڙي عمل کي عورت صحافيءَ نامناسب ۽ هراسمنٽ قرار ڏيندي چيو ته اهڙي عمل تي هوءَ ان شخص کي گرفتار ڪرائي ٿي سگهي.

نوجوان پنهنجي دفاع ۾ چيو ته سندس گهر ۾ سڀ عورتون مٿي تي رئو ڪنديون آهن جنهن تي رپورٽر اڃا ڪاوڙجي پئي ۽ چيو ته هن جي گهر ۾ ايئن ناهي ٿيندو، اهو ڪير ٿيندو آهي جيڪو کيس هٿ لاهي. هو ڪو سندس مائٽ ناهي نه ڀاءُ نه آهي. مٿي تي رئو پارائڻ وارو ڪم هو پنهنجي گهر تائين محدود رکن.

اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن تي ماڻهن عورت صحافيءَ کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.