هالا: ڪاليج انتظاميا جي مبينا ناجائزين کان تنگ اچي معذور عورت زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو

هالا (ويب ڊيسڪ) هالا ۾ سرڪاري ڪاليج جي عورت ملازمه ڪاليج انتظاميا جي مبينا ناجائزين ۽ حراسان ڪرڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته هالا جي رهواسڻ 25 سالن جي ملازم خديجا جي لاش ٽي ڏينهن اڳ حيدرآباد جي ڦليلي واهه مان هٿ آيو هو ، خديجا آپگهات کان اڳ هڪ خط لکي پنهنجي خودڪشيءَ جو سبب بيان ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته خديجا جو واسطو غريب گهراڻي سان هو ۽ هوءَ سرڪاري ڪاليج ۾ ليب اٽينڊنٽ طور ملازمت ڪندي هئي.
پوليس موجب، وارثن الزام هنيو آهي ته ڪاليج انتظاميا طرفان خديجا کي حراسان ڪري ان کان جبري طور باٿ روم صاف ڪرايا ويندا هئا ۽ عورت ملازم کي تشدد به ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته آپگهات کانپوءِ ڇوڪريءَ جي لاش سان گڏ پرس مان خط به مليو آهي، جنهن ۾ لکيل هو ته ڪاليج ۾ پريشان ڪيو ويندو آهي انڪري هوءَ دنيا ڇڏي رهي آهي، خديجا خط ۾ پنهنجي وارثن جا نمبر لکي چيو ته ڪنهن کي به لاش ملي ته ان نمبرن تي ٻڌايو وڃي.
وارثن مطالبو ڪيو ته خديجا ڪاليج انتظاميا طرفان حراسان ڪرڻ ۽ پريشانين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي، ڪاليج انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.