شاهه رخ ۽ گوري ڪرائي جي گهر ۾ رهندا هئا: چنڪي پانڊي جو انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار چنڪي پانڊي انڪشاف ڪيو آهي ته شاهه رخ خان پنهنجي زال گوري خان سان گڏ ڪرائي جي گهر ۾ رهي چڪو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب هڪ انٽرويو ۾ چنڪي پانڊي شاهه رخ خان جي ماضي بابت ڳالهائيندي چيو ته هڪ اهڙو وقت به هو جو شاهه رخ خان زال سان ڪرائي جي گهر ۾ رهندو هو. سندس ننڍو ڀاءُ شاهه رخ خان جو ان وقت جو دوست آهي جڏهن شاهه رخ خان ممبئي آيو هو. ان وقت شاهه رخ خان ۽ گوري هڪ ڪرائي جي گهر ۾ رهندا هئا ۽ ٻئي ڀاءُ سان ملڻ گهر ايندا هئا جتي سڀ گڏ ويهي وڊيوز ڪيسيٽس ڏسندا هئا.

ڳالهه جاري رکندي اداڪار چيو ته کيس يقين هو ته شاهه رخ خان هڪ ڏينهن اسٽار بڻجندو ڇاڪاڻ ته سندس اکين ۾ باهه هئي جيڪا نظر ايندي هئي، هو پر اعتماد هو ۽ کيس فخر آهي ته هو کيس ان وقت کان سڃاڻيندو آهي، هو هاڻي به ناهي مٽيو.

واضح رهي ته ان کان اڳ چنڪي پانڊي جي ڌيءُ اننيا پانڊي انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ننڍپڻ ۾ شاهه رخ خان جي گهر گهڻو وقت گذاريو ۽ هن وڌيڪ چيو ته شاهه رخ خان پنهنجي سامهون وارن کي بادشاهه جيان محسوس ڪرائيندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.