ملڪ ۾ سون چوٽ چڙهي ويو، اڄ به سوين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ وري واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون 15 سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه لک 52 هزار 2 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1286 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 16 هزار 221 رپيا آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 11 ڊالر چاڙهه بعد 2391 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.