پيرسن پيءُ جي پٽن کان تحفظ ڏيارڻ جي درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پيرسن پيءُ پاران پٽن کان تحفظ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي.
پيرسن پيءُ پاران پٽن کان تحفظ لاءِ درخواست تي فيصلي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ويو هو .
محمد عابد حسين طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته گلشن اقبال بلاڪ 13 ڊي جو رهائشي آهيان، پهرين منزل تي منهنجا 3 پٽ رهندا آهن جيڪي پنهنجو الڳ ڪاروبار ڪن ٿا، ڊسمبر 2023ع ۾ پٽن مون کي ۽ منهنجي گهرواريءَ کي تشدد جو نشانو بڻايو هو.
درخواستگذار استدعا ڪئي ته تحفظ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ کي درخواست ڪئي هئي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر کي منهنجي شڪايت تي جلد ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.
چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس عقيل عباسيءَ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست تي چيف جسٽس عقيل عباسي ٻڌڻي ڪندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪو والدين تي تشدد ڪندو آهي اِهو الله جي عذاب کان نٿو بچي سگهي.
ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته اڳوڻي صدر 2021ع پرنٽ پروٽيڪشن ايڪٽ جاري ڪيو هو، پر اسيمبليءَ جي غير دلچسپي سبب ايڪٽ منظور نه ڪيو ويو، ايڪٽ جو مدو ختم ٿي چڪو آهي، تنهنڪري درخواست تي ڪو به فيصلو جاري نٿو ڪري سگهجي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته درخواست ۾ جنهن ايڪٽ جو حوالو ڏنو ويو آهي اُهو ختم ٿي چڪو آهي، بدقسمتيءَ سان درخواست تي فيصلو نٿا ٻڌائي سگهون.
عدالت بعد ۾ پيرسن پيءُ جي درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.