گورنر سنڌ امباڻي خاندان جي شاديءَ جهڙيون تقريبون پاڪستان ۾ به ڏسڻ جو خواهشمند !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڀارتي واپاري ۽ ايشيا امير ترين ماڻهن ۾شامل مڪيش امباڻي جي پٽ جي شاديءَ جهڙي تقريبون پاڪستان ۾ ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته واپارين ڪرونا ۽ ٻوڏ دوران رليف ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، واپارين ڪڏهن به اختيار نه هجڻ واري شڪايت نه ڪئي.
هن چيو ته اسان هينئر تائين سوا ارب رپين جو راشن غريبن ۾ ورهائي چڪا آهيون.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت ۾ مشهور واپاري ۽ ايشيا جي امير ترين شخص مڪيش امباڻي جي پٽ جي شادي جي تقريب عالمي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڇانيل رهي، چاهيان ٿو ته شادي جي اهڙيون تقريبون پاڪستان ۾ به ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.