حڪومت جي تبديليءَ ۾ سعودي جو ڪردار نه هو: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان سندس حڪومتي تبديلي ۾ سعودي عرب جي ڪردار وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ  اڳواڻن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي سعودي عرب جي حوالي سان آيل رپورٽن جي خبر نه هئي، ساڻس منسوب ڪيل بيان غلط آهي. پي ٽي آءِ حڪومت جي  تبديليءَ ۾ سعودي عرب جو ڪو ڪردار ناهي. اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مزمل اسلم چيو ته پي ٽي آءِ جو باني چوي ٿو ته سندس حڪومت وڃڻ کان اڳ سعودي عرب پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ڏنا، جيڪڏهن هو حڪومت خلاف هجي ها ته سيڙپڪاري ڇو ڪري ها؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.