ڊي اين اي کانپوءِ آر اين اي ڇا هوندو آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي اين اي ۾ موجود جينياتي ڄاڻ کي پروٽين ۾ تبديل ڪرڻ دوران آر اين اي استعمال ٿيندو.

ڊي اين اي ۾ موجود جينياتي انفارميشن تڏهن ڪم ايندي آهي، يعنيٰ تڏهن جسم ۾ پنهنجو اثر ڏيکاريندي آهي جڏهن ان مان پروٽين ٺهندو آهي.

ڊي اين اي جي هن جينياتي انفارميشن مان پروٽين ٺاهڻ لاءِ پهريان ان کي جينياتي انفارميشن جي هڪ ڪاپي ڊي اين اي مان آر اين اي جي صورت ۾ تيار ڪئي ويندي آهي. ان کي آر اين اي ميسينجر چوندا آهن.

پروٽينز رائبوسمز مان ٺهندا آهن اهي رائبوسمز پاڻ هڪ آر اين اي مان ٺهندا آهن جنهن کي رائيبوسمز آر اين اي چئبو آهي.

پروٽينس ٺاهڻ لاءِ جيڪي امائينو ايسڊز گهربل هوندا آهن انهن کي رائيبوسمز تائين آڻڻ جو ڪم هڪ ٻيو آر اين اي ڪندو آهي جنهن کي ٽرانسفر آر اين اي چيو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.