ترڪ وفد جي وزيراعظم سان ملاقات، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي دلچسپي جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪي جي وفد ملاقات ڪندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.
اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ترڪي جي پاڪستان ۾ سفير مهمت پاچاجي، سي اي او ٽرمينل YAPI جنڪ جوشڪن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ملاقات ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي عوام ۾ ويجهڙائي ۽ ڀائيچاري وارو تعلق آهي، پاڪستان ترڪي سان معاشي، ڪاروباري ۽ ڀائيواري جو مضبوط تعلق چاهي ٿو.
هن جو چوڻ هو ته پرڏيهي سيڙپڪاري واري نظام ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ترميمون ڪيون آهن.
ترڪي جي وفد پاران پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.