”ممتاز مولائي جي راڳ جي تقريب ۾ بم جو اطلاع“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران بم جي اطلاع کانپوءِ ٿرٿلو مچي ويو، تقريب ۾ ممتاز مولائي گيت ڳائي رهيو هو.

اهو يادگار واقعو ممتاز مولائي هڪ پروگرام دوران ٻڌايو.

مقبول ڳائڻي ممتاز مولائي جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 5 کان 6 هزار سنڌي هڪ تقريب ۾ گڏ ٿيا هئا جتي مان گانا ڳائي رهيو هيس.

هن چيو ته مون سان گڏ پوليس آفيسر به موجود هو ۽ جڏهن بم جو اطلاع ڏنو ويو ته پوليس آفيسر ۽ مان ٻئي ٽپا ڏئي ڊوڙياسين.

ممڪن آهي ته ڪنهن ممتاز مولائي سان ڀوڳ ڪيو هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.