ججن جي خط جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي هدايت تي هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون گهري ورتيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي آفيس طرفان سڀني ججن کان سومر تائين تجويزون طلب ڪيون ويون آهن.
ذريعن موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ايسٽ ۽ ويسٽ اسلام آباد کان به تجويزون گهريون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ججن کي سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي جي ڪاپي به موڪلي وئي آهي، ججن جي تجويزن کانپوءِ فل ڪورٽ گهرائڻ بابت فيصلو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.