برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ اين ايڇ اي پاران روڊن جي صورتحال بابت پڌرائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو برساتن ۽ ٻوڏ جي ڏينهن ۾ اين ايڇ اي انتظاميا روڊن تي ٽريفڪ کي بحال رکڻ ۾ مصروف آهي. چيئرمين اين ايڇ اي ارشد مجيد مهمند جي هدايتن تي نيسنل هاءِ وي اٿارٽي سموريون توانايون ۽ وسيلا روڊن جي بحالي تي لڳايا ويا آهن.

ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اين ايڇ اي نيٽ ورڪ ٽريفڪ لاءِ بحال آهي. ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ حساس ماڳن تي اين ايڇ اي جو عملو ۽ مشينري مصروف آهي.

قراقرم شاهراهه تي ڪجهه جايون لينڊ سلائيڊنگ سبب بند آهن. پاڪ فوج جي مدد سان لينڊ سلائيڊنگ جو ملبو صاف ڪيو پيو وڃي. شاهراهه جلد هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بحال ٿي ويندو.

گلگت بلتستان ۾ گيتي داس کان زيرو پوائنٽ (چلاس) جي مقام تان برف هٽائي پئي وڃي جڏهن ته گلگت بلتستان جا ٻيا روڊ ٽريفڪ لاءِ کليل آهن، اهڙي ريت خيبرپختونخوا ۾ اڪثر روڊ ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيا ويا آهن.

ڪاغان، گيتي داس جي مقام تي برفباري سبب روڊ هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ٿي چڪو آهي. برف هٽائڻ جو موسم تبديل ٿيڻ کانپوءِ شروع ڪيو ويندو.

اتر ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ اين ايڇ اي روڊ نيٽ ورڪ تي ٽريفڪ معمول موجب هلي رهي آهي.

روڊ انفرااسٽرڪچر کي بهترين حالت ۾ رکڻ لاءِ اين ايڇ اي جي سڀني علائقائي آفيسن ۾ ڪنٽرول رومز قائم ڪيا ويا آهن جتي ڀرپاسي جي موسمي ۽ روڊن جي صورتحال کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي. صورتحال موجب عملدار هدايتون جاري ڪري رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته غير ضروري طور تي خطرن کي منهن ڏيڻ کان پاسو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.