اروند ڪجريوال کي قتل ڪرڻ جي سازش جو الزام، عدالت ۾ انب ۽ ڪيلي تي به بحث

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ عام آدمي پارٽي جي وڏي وزير اروند ڪجريوال کي جيل ۾ قتل ڪرڻ جي منصوبا بندي جو الزام هنيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ آتشي اروند ڪجريوال کي قتل ڪرڻ جي سازش جو الزام هنيو.
هن چيو ته اروند ڪجريوال شگر جو مريض آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا درخواست ڪرڻ باوجود به ان کي انسولين نٿي ڏني وڃي.
عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته بي جي پي اروند ڪجريوال کي ٽن چونڊن ۾ هارائي ناهي سگهي، تنهن ڪري ان کي جيل ۾ رکي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو پيو وڃي.
عورت اڳواڻ ٻڌايو ته ڪجريوال پنهنجي شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گهڻيون انسولين استعمال ڪندو آهي، ان ڪري عدالت اروند کي گهر جي پچيل ۽ ڊاڪٽرن جي تجويز سان ئي کاڌي کائڻ جي اجازت ڏني.
اروند ڪجريوال کي گرفتار ڪندڙ انفورسمنٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سان مشوري ڪرڻ واري درخواست جي مخالفت ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته وڏي وزير انب ۽ مٺايون کائي پنهنجي حياتي خطري ۾ وڌي آهي، هو شگر جي باوجود به مٺي چانهه پيئندو رهيو.
ايجنسي جي وڪيل عدالت ۾ ٻڌايو ته اروند اهڙو کاڌو استعمال ڪري پيو، جنهن جي شگر وارن مريضن کي اجازت ناهي هوندي.
عورت اڳواڻ عدالت ۾ چيو ته شگر جي ڪهڙي به ڊاڪٽر کان پڇي وٺو، مريضن کي ڪيلا ۽ ٽافيون گڏ رکڻ جو چيو ويندو آهي.
واضح رهي ته 21 مارچ کي نئين دهلي جي وڏي وزير اروند ڪجريوال کي گرفتار ڪيو ويو هو، ڀارتي ميڊيا موجب اروند تي شراب پاليسي ۾ ڪرپشن جا الزام آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.