مڪيش امباڻي برطانيا جو مشهور اسٽوڪ پارڪ خريد ڪري ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايشيا جي امير ترين بزنس مين مڪيش امباڻي برطانيا جو مشهور اسٽوڪ پارڪ خريد ڪري ورتو.
ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، مڪيش امباڻي جي ڪمپني ريلائنس انڊسٽريز لميٽيڊ طرفان اسٽوڪ پارڪ لميٽيڊ کي 79 ملين ڊالرز ۾ خريد ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽوڪ پارڪ جو معاهدو ريلائنس انڊسٽريز جي برطانيا ۾ قائم هڪ يونٽ سان ٿيو، جيڪو بڪنگهم شائر جي هڪ هوٽل، راندين ۽ ڪيترين ئي تفريحي سهولتن جو مالڪ آهي.
هونئن ته اسٽوڪ پارڪ جي تاريخ 900 سالن کان وڌيڪ پراڻي آهي پر ان جي سرڪاري ويب سائيٽ موجب ان کي 1908ع تائين نجي رهائشگاهه طور استعمال ڪيو ويندو رهيو.
49 شاهڪار بيڊ رومز ۽ سوئيٽس، گولف ڪورس، 13 ٽينس ڪورٽس ۽ 14 ايڪڙ نجي باغن تي ٻڌل اها پراپرٽي امير سياحن جو ڌيان ڇڪائيندي آهي.
اسٽوڪ پارڪ جيمز بانڊ جي ٻن فلمن نيٽ فلڪس سيريز ”بريجٽ جونسز ڊائري“ ۽ ”دي ڪرائون“ جي شوٽنگ لاءِ به استعمال ٿي چڪو آهي.
پراپرٽي جي رولنگ گولف ڪورس ان وقت کان مشهور آهي، جڏهن جيمز بانڊ 1964ع ۾ اورڪ گولڊ فنگر سان گڏجي هڪ راند کيڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.