سيلز مين کان سرڪِٽ تائين، ارشد وارثيءَ جي زندگيءَ جا 56 ورهيه ڪيئن گذريا؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو وراسٽائيل اداڪار ارشد وارثي اڄ پنهنجي 56 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.
ارشد وارثيءَ 19 اپريل 1968 ۾ ممبئيءَ احمد علي خان جي گهر ۾ جنم ورتو.
ٽن ڏهاڪن کان فلم انڊسٽري ۾ موجود ارشد وارثي ڪيئي فلمن ۾ اداڪاريءِ جا جوهر ڏيکاريا پر کيس اصل مقبوليت فلم مُنا ڀائي ايم بي بي ايس ۾ ” سرڪٽ“ جي ڪردار ذريعي ملي.
ارشد وارثي شروعاتي تعليم ناسڪ جي بورڊنگ اسڪول مان حاصل ڪئي پر گهرو حالتن سبب کيس ننڍي وهيءَ ۾ پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پئي.
ارشد وارثي 14 ورهين جو هو جڏهن سندس والدين هي دنيا ڇڏي ويا.
مالي بحرانن سبب ارشد وارثيءَ کي 17 ورهين جي عمر سيلز مين طور ڪم ڪرڻو ڪيو ۽ ڪاسميٽِڪ جو سامان وڪڻڻ لڳو.
ان کانسواءِ هن هڪ فوٽو ليب ۾ پڻ ڪم ڪيو، ان دوران سندس ڊانس ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي ۽ هڪ ڊانس گروپ جو حصو بڻجي ويو.
ارشد وارثيءَ کي رقص جي شعبي ۾ سخت محنت ڪرڻي پئي ۽ نيٺ 1991 ۾ ڀارت جي مشهور ڊانس شو جو فاتح بڻيو، ان کانپوءِ هن بالي ووڊ جو رخ ڪيو.
ارشد وارثيءَ جا بالي ووڊ ۾ شروعاتي ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذريا، کيس هندي سئنيما ۾ اداڪاري ڪرڻ جو پهريون موقعو اميتاڀ بچن جي پروڊيڪشن هيٺ ٺهندڙ فلم ” تيري ميري سپني “ ذريعي مليو.
هن ڪيئي فلمن ۾ ڪم ڪيو پر بالي ووڊ ۾ هو پنهنجي الڳ سڃاڻپ نه ٺاهي سگهيو، ڪيئي ورهين جي جدوجهد کانپوءِ راجو هيراڻي جي هدايت هيٺ ٺهندڙ فلم مُنا ڀائي ايم بي بي ايس ۾ سرڪٽ جي ڪردار کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.
ارشد وارثي ان کانپوءِ لگي رهو منا ڀائي ۾ به سرڪٽ جي ڪردار ۾ نظر آيو، ٻنهي فلمن ۾ جاندار اداڪاري سبب کيس ڪيئي ايوارڊن سان نوازيو ويو .
منا ڀائي کانپوءِ فلم انڊسٽري ارشد وارثي کي سڃاڻڻ لڳي ۽ روهت شيٽي به کيس پنهنجي مشهور فلم سيريز گول مال جو حصو بڻايو .
ارشد وارثي مزاحيه ڪردارن کان هٽي ڪري به پنهنجي مختلف ۽ چئلينجنگ ڪردار ادا ڪري چڪو آهي.
ارشد وارثي بلاڪ بسٽر فلم سيريز، منا ڀائي، گول مال ۽ ڌمال جو حصو رهيو آهي، سندس مشهور فلمن ۾ عشيقه، ڊيڙهه عشقيه، جولي ايل ايل بي شامل آهن.
ان کانسواءِ هو ڪڇ ميٺا هوجائي، سلام نمستي، چاڪليٽ، هلچل، جاني دشمن، مجهي ميري بيوي سي بچائو، هوگي پيار ڪي جيت، هيرو هندوستاني، ڪس ڪس سي پيار ڪرون سميت هنيئر تائين پنجاهه کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.