اپريل ۾ غير معمولي برساتون، 30 ورهين جو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اپريل مهيني ۾ برساتن جو 30 ورهين جو رڪارڊ ٽٽي ويو، اپريل مهيني ۾ معمول کان 99 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون.
موسمياتي ماهرن موجب پاڪستان ۾ اپريل جي مهيني ۾ معمول کان 99 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون، جنهن کانپوءِ اپريل ۾ برساتن جو 30 ورهين جو رڪارڊ ٽٽي ويو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ معمول کان 300 سيڪڙو وڌيڪ ۽ خيبر پختونخواهه ۾ 90 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون، جڏهن ته گذريل 30 سالن جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مهيني پهرين کان 18 اپريل تائين ٿيندڙ برساتون سراسري برسات کان 99 سيڪڙو وڌيڪ هيون.
ماهرن موجب غير معمولي برساتون موسمياتي تبديلين سبب ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.