بالي ووڊ فلمن ۾ڪم رڳو ميرٽ تي ناهي ملندو: پرينيتيءَ جو انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پرينيتي چوپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ رڳو ميرٽ نه گهرجي پر سٺا تعلق هجڻ به لازمي آهن.

ڀارتي رپورٽس موجب پرينيتي چوپڙا پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته بالي ووڊ ۾ ڪم رڳو ميرٽ تي ناهن ملندو يا وري سٺي اداڪاري اچڻ به ڪافي ناهي، سٺي ڪم لاءِ مختلف ڪيمپس ۽ گروپس جو حصو ٿيڻو پوندو آهي.

اداڪارا جو چوڻ آهي ته انهن اداڪارن کي سٺو ڪم ملندو آهي جن جي پٺيان پاپارازي هجن، اهي ڪنهن گروپس جو حصو هجن ۽ لابنگ ٿيندي آهي، اداڪارا چيو ته هوءَ ڪنهن به پارٽي ۾ ناهي ويندي چاهي ڊنر يا لنچ هجي نه وري هو ڪنهن کي ڪم لاءِ درخواست ڪندي آهي. هن چيو ته هوءَ انهن اداڪارن جو آواز بڻجڻ ٿي چاهي جيڪي پنهنجي محنت سان اڳتي وڌندا آهن ۽ ڪنهن گروپس/ڪيمپس جو حصو ناهن هوندا.

اداڪارا چيو ته 10 سال اڳ سندس فلم عشقزادي ۾ کيس نيشنل ايوارڊ مليو، هوءَ اڄ به ساڳيون اداڪاريءَ جون صلاحيتون رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.