اباڻي ملڪ ۾ انگلينڊ لاءِ عالمي ڪپ کيڏڻ چاهيان ٿو: جوفرا آرچر

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) اسٽار انگلش فاسٽ بالر جوفرا آرچر هو ورلڊ ڪپ کيڏڻ چاهي ٿو جڏهن ته هو وڌيڪ انجريز کي منهن ڏيڻ جي قابل ناهي رهيو.
آرچر 2019ع ۾ انگلينڊ لاءِ انٽرنيشل ڊيبيو ڪرڻ کانپوءِ فٽنس مسئلن جو شڪار ٿيڻ بعد ڊگهي عرصي کان ٽيم کان ٻاهر آهي، پرهاڻ هو صحتياب ٿي رهيو آهي ۽ جون ۾ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو ارادو رکي ٿو.
فاسٽ بالر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته فلحال يقين سان نٿو چئي سگهجي ته هو ميگا ايونٽ ۾ حصو وٺي سگهندو يا نه، ڊگهي عرصي کان ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، گذريل سال مون جنوريءَ کان مئي تائين ڪرڪيٽ کيڏي هئي.
هن چيو ته مان ٽيم ۾ رهن چاهيان ٿو، مان پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ ٿيندڙ عالمي ڪپ کيڏڻ چاهيان ٿو، هلندڙ سال انگلينڊ لاءِ ڪا به ميچ ناهي کيڏي، جيڪڏهن ميگا ايونٽ ۾ ٽيم جو حصو بڻايو ويو ته بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
واضح رهي ته انگلش ڪرڪيٽ بورڊ کي فاسٽ بالر جي انجريز جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي کيس هلندڙ سال آءِ پي ايل کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو هو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.