پارليامينٽ هائوس جي مسجد مان ڪيترن ئي نمازين جا جوتا چوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ هائوس جي مسجد مان ڪيترن ئي نمازين جا جوتا چوري ٿي ويا.
پارليامينٽ هائوس جي مسجد ۾ جمعي نماز لاءِ ميمبر ۽ اعليٰ آفيسر موجود هئا، ان دوران مسجد مان اسيمبلي ميمبرن، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي آفيسرن ۽ صحافين جا جوتا گم ٿي ويا.
ٻڌايو پيو وڃي ته 20 کان وڌيڪ نمازين جا جوتا چوري ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.