واٽس ايپ ۾ حيرت جوڳو فيچر متعارف: استعمال جو طريقو ڄاڻيو

ميٽا واٽس ايپ ۾ هڪ حيرت جوڳي فيچر جي واڌ ڪئي آهي.

هن نئين فيچر سان واٽس ايپ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالوجي تي ٺهيل ريئل ٽائم اميج جنريشن کي واهيپدارن کي استعمال ڪرڻ جو موقعو ملندو.

رپورٽس موجب ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته ريئل ٽائم اميج جنريشن فيچر بيٽا ورزن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو. اهو فيچر ان لاءِ حيرت جوڳو آهي ته اميج جنريٽر ۾ تحريري هدايتون ٽائپ ڪندا ته ان کي سينڊ ڪرڻ کان اڳ ئي ريئل ٽائم ۾ تصوير ۾تبديليون اچڻ شروع ٿينديون.

ان فيچر کي استعمال ڪرڻ جو طريقو:

جيئن واهپيدارن وٽ بيٽا ورزن آهي ته ان کي استعمال ڪري سگهن ٿا.

ان لاءِ ميٽا اي آءِ چيٽ کي اوپن ڪري Imagine لکي پنهنجي ذهن ۾ موجود تصوير لاءِ هدايتون ڏيو. ميٽا پاران ٻڌايو ويو آهي ته اهو فيچر ڪمپني جي نئين لاما ماڊل تي ٺهيل آهي جيڪو معياري تصويرون تيار ڪندو آهي ۽ ٽيڪسٽ کي به وڌيڪ بهتر ڏيکاريندو آهي.

ميٽا ۾ ڪنهن تصوير کي اينيمنٽ به ڪري سگهجي ٿو، يعني ڪنهن به تصوير کي GIF ۾ تبديل ڪري دوستن سان شيئر ڪرڻ ممڪن ٿيندو. ڪمپني پاران آمريڪا ۾ ميٽا اي آءِ کي ويب ورزن ۾ به متعارف ڪرايو ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ئي واٽس ايپ اي آءِ چيٽ بوٽ ميٽا اي آءِ کي متعارف ڪرايو هو جيڪو اڃا محدود واهيپدارن وٽ آهي پر وڌيڪ واهپيدارن لاءِ دستياب ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.