اڃا ڪو به اي آءِ چيٽ بوٽ انسانيت لاءِ خطرو ناهي: مارڪ زڪربرگ

ميٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو مارڪ زڪربرگ لاما 3 لارج لينگوئيج ماڊل تي نئين آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽ کي بهترين قرار ڏنو آهي.

رپورٽس مارڪ زڪربرگ موجب ميٽا جو نئون اي آءِ ماڊل ٻين ماڊلز جي مقابلي ۾ سڀ کان بهتر آهي ۽ وڌيڪ ذهني ڏاهپ سان ڀريل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان نئين ماڊل تحت ميٽا اي آءِ هن وقت مفت دستياب ٿيل ذهين اي آءِ اسسٽنٽ آهي. مارڪ زڪربرگ موجب انسانن جي ملازمتن يا انسانيت لاءِ خطرو ناهن. هن چيو ته ميٽا سميت ڪا به ڪمپني جيڪا اي آءِ ماڊلز تي ڪم ڪري ٿي اها انسانيت لاءِ خطرو نه بڻبي.

هن جو چوڻ آهي ته انسانيت کي لاحق خطرن جي خدشن باوجود کيس اهو نٿو لڳي ته اڃا تائين ڪو به ماڊل ان سطح تي پهتو آهي. نه وري ڪا ٻي ڪمپني يا سندن ڪمپني ايندڙ سال تائين به اهڙي سطح تي پهچي سگهندي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مارڪ زڪربرگ لاما اي آءِ ماڊل کي اوپن سورس رکيو آهي، يعني عوام يا ماهرن کي سولائي سان دستياب آهي.

مارڪ زڪربرگ ٻڌايو ته جيئن اي آءِ ماڊل مختلف شعبن مثال ٽيڪسٽ، اميجز ۽ وڊيوز ۾ بهترين نتيجا ڏيڻ جي قابل هجي هان ته ڪمپني ان جي مختلف پهلوئن کي اوپن سورس نه رکي هان.  واضح رهي ته ميٽا اي آءِ چيٽ بوٽ کي لاما 2 ذريعي ڪافي بهتر بڻايو ويو آهي. هاڻي چيٽ بوٽ واٽس ايپ ۾ لکت جي هدايتن تي ريئل ٽائم ۾ تصويرون ٺاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.