سي اين جي سپلاءِ تي سيلز ٽيڪس ۾ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪمپريسڊ نيچرل گئس (سي اين جي) سپلاءِ تي سيلز ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي وئي.
سي اين جي واهپيدارن تي سپلاءِ ويليو جي حساب سان جي ايس ٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ريجن ون لاءِ سيلز ٽيڪس ويلوي 140 مان وڌائي 200 رپيا ڪيو ويو، جڏهن ته ريجن ٽو لاءِ سيلز ٽيڪس ويلوي 135 مان وڌائي 200 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي.
ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ريجن ون ۾ خيبر پختونخواهه، بلوچستان، راولپنڊي، اسلام آباد، گوجر خان، جڏهن ته ريجن ٽو سنڌ ۽ پنجاب جي ٻين شهرن تي ٻڌل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.