قمبر شهدادڪوٽ واسي سموري ڪٽنب جي دل جسم جي ڪهڙي حصي ۾ آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي شهر قمبر شهدادڪوٽ ۾ هڪ ڪٽنب جي 6 ڀاتين جي دل کاٻي پاسي بدران ساڄي پاسي آهي.

هن ڪٽنب جي 6 ڀاتين ۾ گهر جو سربراهه خدا بخش سيلرو، 53 سالن جي زال، 60 سالن جي سالي، 2 نوجوان پٽ، 2 سالن جي ڌيءُ، 6 مهينن جو ڏوهٽو شامل آهي.

ڊاڪٽر به حيراني جو اظهار ڪندي چيو ته جسماني تبديلي رکندڙ هي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪٽنب آهي.

هي ڪٽنب امڪاني طور تي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. حڪومت کي ان لاءِ باقاعده اپلاءِ ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.