غير پارلياماني ٻولي جي استعمال تي جمشيد دستي ۽ محمد اقبال جي اسيمبلي رڪنيت معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق قومي اسيمبلي ميمبر جمشيد دستي ۽ محمد اقبال جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.
اسپيڪر صدر آصف زرداري جي خطاب دوران غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪرڻ تي هڪ اجلاس لاءِ ٻنهي جي رڪنيت معطل ڪئي.
اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس 40 منٽ دير سان شروع ٿيو، اجلاس دوران اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته صدارتي خطاب دوران جشميد دستي ۽ محمد اقبال غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪئي، ٻنهي اسيمبلي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي.
اسپيڪر چيو ته انهن جي رڪنيت هن اجلاس لاءِ معطل ڪئي وڃي ٿي، ٻئي موجوده اجلاس ۾ حصو نٿا وٺي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.