ارشد نديم جو پئرس اولمپڪس هدف، ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽريننگ شروع ڇڏيائين

ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ) اولمپيئن جيولن ٿرور ارشد نديم ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي.
اولمپيئن ارشد نديم ڏکڻ آفريڪا جي شهر پوسچرٽرم ۾ موجود آهي ۽ هو پنجن هفتن تائين ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽريننگ ڪندو.
ارشد نديم پهرئين مرحلي ۾ فزيڪل ٽريننگ ۾ رڌل جڏهن ته ايندڙ هفتي کان ٿرور جي پريڪٽس ڪندو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ارشد نديم چيو ته ڪوچز جي نگراني ۾ شاندار ٽريننگ جاري آهي، فزيڪل ٽريننگ سبب پهريان کان بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان، ڪوچز جي پلان موجب جلد ٿرو جي پريڪٽس به شروع ڪندس.
هن چيو ته پئرس اولمپڪس هدف آهي، جلد رڌم ۾ واپس ايندس، ڪوشش آهي ته پئرس اولمپڪس کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ايونٽن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.