نرگس فخري مون سان ساڙ ڪندي هئي: مريحا صفدر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور بالي ووڊ اداڪرا مريحا صفدر دعويٰ ڪئي آهي ته بالي ووڊ اداڪارا نرگس فخري ساڻس ساڙ ڪندي هئي.

رپورٽس موجب هڪ انٽرويو ۾ مريحا صفدر چيو ته نرگس فخري سان بولڊ ڪاميڊي فلم هائوس فل ٿري ۾ ڪم ڪيو هو، فلم ۾ پاڪستاني اداڪارا شرلي جو ڪردار ادا ڪيو هو. فلم ۾ اڪشي ڪمار، اڀيشيڪ بچن ۽ ٻين اداڪارن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو جڏهن ته نرگس فخري ۽ جيڪولين فرنينڊز مرڪزي هيروئنز هيون.

رپورٽس موجب تازو هڪ انٽرويو ۾ مريحا صفدر شرڪت ڪئي جنهن جي وڊيو ڪلپ وائرل ٿي وئي آهي، پنهنجي ڪيرئير جي تجربي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته نرگس فخري سان ڪم ڪرڻ جو تجربو سٺو نه هو، هوءَ ساڻس ساڙ ڪندي هئي. ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته هائوس فل جي شوٽنگ ۾ سمورين ڀارتي اداڪارائن جو رويو همدرداڻو ۽ دوستاڻو هو پر نرگس فخري جو مختلف هو.

هن چيو ته نرگس جو ساڻس ڪو مسئلو هو، هوءَ سڙندي هئي. مريحا موجب کيس نرگس کان ڪو مسئلو نه هو پر هن کي اها ڳڻتي ٿيندي هئي ته هر ڪو مريحا سان فري ٿو ٿئي، اها ته اڃا نئين آئي آهي. نرگس فخري ساڙوٽي آهي، ناهي ڄاڻ الاءِ ڇو ساڙ ڪندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.