عالمي مالياتي ادارن پاڪستان کي آءِ ايم ايف بابت ڪهڙي صلاح ڏني؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي ادارن پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.
واشنگٽن ۾ پاڪستان جي معاشي ٽيم عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن جي معاشي اختيارين سان غير رسمي مشاورت ڪئي، حڪومتي ذريعن موجب مشاورت نئين آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان ڪئي وئي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي ادارن جي اختيارين پاڪستان جي معاشي ٽيم کي آءِ ايم ايف کان وڏي عرصي بجاءِ ٿورڙي وقت وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح ڏني، ادارن ٽيڪس نظام کي ڊجيٽلائز ۽ هر قسم جي رليف کي ختم ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو.
ان کانسواءِ عالمي مالياتي ادارن مالي خسارو ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪمپنين جي تيز رفتار نجڪاري لاءِ به چيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.