بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي 14 رڪني صوبائي ڪابينا حلف کڻي ورتو.
بلوچستان ڪابينا جي حلف برادري واري تقريب گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ٿي، بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ ڪابينا کان حلف ورتو.
ڪابينا ۾ مير صادق عمراڻي، علي مدد جتڪ، ظهور بليدي، نور محمد دمڙ، سردار فيصل جمالي، سردار سرفراز ڊومڪي، عبدالرحمان کيٿران شامل آهن.
مير سليم کوسو، مير عاصم، بخت ڪاڪڙ، طارق مگسي، شعيب نوشيرواني، راحيلا حميد دراني ۽ مير ضياءَ الله لانگو به حلف کنيو.
حلف برادري تقريب ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سميت اسيمبلي جي ميمبرن، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي شرڪت ڪئي.
ڪابينا ۾ شامل وزيرن کي قلمدان ڏيڻ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.