راندين جي ميدان ۾ نئين ٽيلينٽ جي ڳولا، سنڌ حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) راندين واري وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ ۾ راندين جي نئين ٽيلينٽ جي ڳولا لاءِ سنڌ اسپورٽس سٽي ٺاهينداسين.
راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ سنڌ جي سمورين 45 راندين جي ايسوسيئيشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ راندين واري کاتي سنڌ اسپورٽس سٺي ٺاهڻ ۽ ڊويزنل سطح تي اسپورٽس گيمز جو اعلان ڪيو.
صوبائي وزير اجلاس ۾ سيڪريٽري کي نيشنل گيمز ڪرائڻ لاءِ تياري شروع ڪرڻ هدايتون ڪيون ۽ اجلاس ۾ فزيڪل ايجوڪيشن، تعليم کاتي کان واپس راندين اوري کاتي ۾ ضم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
ان کانسواءِ راندين واري سنڌ اسپورٽس سٺي ٺاحڻ لاءِ پرپوزل تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.