اڳوڻو آسٽريلوي ڪرڪيٽر آمريڪي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي اڳوڻي بيٽر اسٽيورٽ لا کي آمريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
اڳوڻي آسٽريلوي بيٽر اسٽيورٽ لا کي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ آمريڪي ٽيم جو ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، هو هڪ ٽيسٽ ۽ 54 ون ڊي ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
اسٽيورٽ لا ڪوئنز لينڊ طرفان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏندو رهيو آهي ۽ هن انگلينڊ ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ پڻ کيڏي آهي.
يو ايس اي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ٿيڻ بعد پنهنجي بيان ۾ اسٽيورٽ لا چيو ته آمريڪي ٽيم جو ڪوچ بڻجڻ تي تمام گهڻو پرجوش آهيان، آمريڪا هڪ مضبوط ايسوسي ايٽ ملڪ آهي، اسان بهترين اسڪواڊ ترتيب ڏينداسين، پهريون ٽاسڪ بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ مضبوط ٽيم جوڙڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.