ڪراچي يونيورسٽي ايراني صدر کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي پاران ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا ايراني صدر کي پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي منظوري لاءِ سينڊيڪيٽ جو هنگامي اجلاس گهرائي ورتو، سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي چانسلرن ۽ گورنر ڪامران ٽيسوري پاران ايراني صدر کي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي.
ذريعن موجب گذريل ڏينهن گورنر ان حوالي سان پنهنجي آفيس ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سان ملاقات به ڪئي هئي.
ڪراچي يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي ان حوالي سان بيان ۾ چيو آهي ته سينڊيڪيٽ جي هنگامي گڏجاڻي ڇنڇر ڏهاڙي گهرائي وئي هئي، ان سلسلي ۾ سمورن ميمبرن کي ايجنڊا جاري ڪئي پئي وڃي، سينڊيڪيٽ جي منظوري بعد ايراني صدر کي اعزازي ڊگري ڏني ويندي.
واضح رهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي 23 اپريل تي پاڪستان جي دوري تي ڪراچي اچي رهيو آهي، ان ڏينهن تي ئي گورنر هائوس ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن کي ڊگريون ڏيڻ واري ”اسپيشل ڪانووڪيشن“ تقريب ٿيڻ جا امڪان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.