صدر غير قانوني آهي: پي ٽي آءِ جو زرداري خلاف روڊن تي نڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيريسٽر گوهر چيو آهي ته آصف زرداري غير قانوني صدر آهي، صدر وٽ ته مڪمل نمائندگي ئي ناهي.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بيريسٽر گوهر جو چوڻ هو صدر ته ڪنهن سياسي سرگرمي ۾ حصو ناهي وٺندو، صدر کي سموري ملڪ جي نمائندگي ڪرڻي هوندي آهي، انڪري صدر کي سياسي در ڇڏڻا پوندا آهن.
هن چيو ته صدر زرداري هاڻي تائين پارٽي جو چيئرمين آهي، ڇا ڪڏهن عارف علوي سياسي سرگرمين ۾ ويو؟ هاڻوڪو صدر هڪ سياسي جماعت جي سربراهي جو ڪم ڪري رهيو آهي، ان خلاف احتجاج ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ قانون جي حڪمراني تي يقين رکندي آهي، سڀني ڪيسن کي منهن ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.