ڊيرا اسماعيل خان ويجهو فائرنگ ۾ ڪسٽم جا 4 اهلڪار مارجي ويا

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪسٽم جا چار اهلڪار مارجي ويا.
پوليس موجب فائرنگ جو واقعو ڊي آءِ خان جي علائقي درابن ۾ پيش آيو، جتي اڻڃاتل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪسٽم جا 4 اهلڪار مارجي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.
پوليس جي جاچ موجب ڪسٽم اهلڪار معمول موجب ڊيوٽي تي موجود هئا ته جوابدارن فائرنگ ڪئي، جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ ٻارڙي ۽ واٽهڙو به زخمي ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.